حڪومت طرفان هڪ دفعو ٻيهر شوگر ملز جي مفادن جو تحفظ، آبادگار نظرانداز

وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر شوگر ملز جي مفادن جو تحفظ ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته ملز تي ڪرشنگ شروع ڪرڻ بابت ڪو دٻاءُ نه وڌو ويندو، جنهن سان آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔ قومي اسيمبلي جي غذائي تحفظ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين ٻڌايو ته هر شوگر مل پنهنجي مرضي موجب ڪرشنگ شروع ڪري سگهي ٿي، چاھي نومبر جي پهرين هفتي ۾ يا 20 نومبر تي۔ هن وضاحت ڪئي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت حڪومت ڪمند جي قيمت مقرر نٿي ڪري سگهي۔ هن تسليم ڪيو ته ملز اڪثر دير سان هلن ٿيون ته جيئن انهن جي ريڪوري بهتر ٿئي، پر ان سان آبادگارن کي وڏو نقصان پهچي ٿو ڇو ته دير سان ڪرشنگ سبب اهي ٻيون فصلون وقت تي نٿا پوکي سگهن۔

پنھنجي راءِ لکو