ماڻهن کي پئسا بينڪ ۾ رکڻ بدران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن: جسٽس امين الدين خان

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستاني شهرين کي پئسا بينڪ ۾ رکڻ جي بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪري رهيا هئا، سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ڪمپني جي وڪيل مرزا محمود احمد پنهنجا دليل پيش ڪيا ۽ ٻڌايو ته اسان جنرل ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون، پر جيڪڏهن بينڪ مان قرض وٺي سيڙپڪاري ڪيون ته ٽيڪس ڏيڻ کان پوءِ نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته ايف بي آر سڌي ريت ٽيڪس نه ٿو وٺي پر نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني جي ذريعي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان سپر ٽيڪس جي دائري ۾ نٿا اچون ۽ اسان کي ڌار بلاڪ ۾ رکڻ گهرجي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته ڀارت ۾ ماڻهو سالن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي ماڻهن کي به اهو رجحان اختيار ڪرڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران وڪيل ڀارتي عدالتن جي فيصلن جا حوالا پڻ ڏنا، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنھنجي راءِ لکو