بلوچستان جي ضلعي نوشڪي جي علائقي غريب آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا۔ پوليس ذريعن موجب واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته اوچتو هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني۔ رپورٽن موجب هٿياربندن پوليس جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب سپاهي رزاق ۽ سپاهي عبدالله ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا، جڏهنتہ حملو ڪندڙ فائرنگ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ پوليس جو چوڻ آهي ته حملو امڪاني طور دهشتگردي يا ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهجي۔پوليس موجب شهيد اهلڪار حساس علائقي ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئا، جڏهن هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو۔ فائرنگ کان پوءِ ٻيا پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ لاشن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن انهن جي شهادت جي تصديق ڪئي۔ پوليس موجب اهلڪارن جي گهرڀاتين کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ويو آهي ۽ کين هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ويو آهي۔پوليس آفيسرن جو چوڻ آهي ته علائقي کي سيل ڪري ڇڏي ويو آهي ۽ حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهنتہ سيڪيورٽي فورسز اضافي نفري به مقرر ڪري ڇڏي آهي ته جيئن وڌيڪ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي روڪي سگهجي۔ بلوچستان پوليس جي اعليٰ آفيسرن هن حملو جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيد اهلڪارن جو رت هرگز رائيگان نه ويندو، جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو۔ هن واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڳڻتي ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي اڳ ئي سيڪيورٽي صورتحال نازڪ آهي۔ عوامي حلقن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن حملن کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ اهلڪارن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي۔
