ڪراچي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته مدرسن يا مسجدن جي بندش بابت ٿيندڙ پروپيگنڊا بلڪل بي بنياد آهي، ڪنهن به مدرسي يا مسجد کي بند نه ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ چيئرمين سني تحريڪ محمد ثروت اعجاز قادري سان ملاقات دوران سندس سان گڏ سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه به موجود هئا. ملاقات ۾ عالمن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ مذهبي هم آهنگي ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. محسن نقوي چيو ته دينِ اسلام امن ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، هر شهري کي قانون جي دائري ۾ احتجاج جو حق حاصل آهي، پر ملڪ ۾ تشدد ۽ شرانگيزي جي ڪابه گنجائش نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترقي جي راهه تي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڀني کي گڏ ٿي قومي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات دوران چيئرمين سني تحريڪ ثروت اعجاز قادري وفاقي حڪومت سان مڪمل تعاون ۽ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي.
