ٺڪراٺو ۾ يوسي ملازم جو چيئرمين خلاف احتجاج،

ٺڪراٺو (رپورٽ) يوسي مبارڪپور جي ملازم شفيع محمد مهتم پريس ڪلب ٺڪراٺو پهچي يوسي چيئرمين رئيس امام بخش مهتم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ملازم دانهيندي چيو ته هو گذريل 12 سالن کان يوسي ۾ ايمانداري سان نوڪري ڪري رهيو آهي، پر هن ڀيري چيئرمين بنا سبب سندس چار مهينن جون پگهارون روڪي ڇڏيون آهن۔شفيع محمد جو چوڻ هو ته سندس وٽ ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سکر پاران پگهارون جاري ڪرڻ جو ليٽر به موجود آهي، تنهن هوندي به چيئرمين پگهار ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته هو غريب ۽ ٻچڙيوال آهي، جنهن سبب مالي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ هن اعليٰ آفيسرن ۽ حڪومت کان اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي سندس پگهارون بحال ڪيون وڃن۔ٻئي پاسي يوسي چيئرمين رئيس امام بخش مهتم الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اسان ڏانهن ڪا به پگهار رهيل ناهي۔ هن وضاحت ڪئي ته ملازم جا ٻه مهينا تڏهن جا آهن جڏهن تعلقو ايڊمنسٽريٽر هو ۽ ٻه مهينا ان وقت جا آهن جڏهن ملازم يوسي جوڻاس ۾ بدلي ٿي ويو هو، تنهن ڪري انهن مهينن جي ذميواري اسان تي نٿي اچي۔ چيئرمين چيو ته ملازم جا لڳايل الزام حقيقت کان پري ۽ بي بنياد آهن۔

پنھنجي راءِ لکو