آءِ ايم ايف ٽيڪس هدف ۾ 150 ارب رپيا گهٽائڻ تي راضي مني بجيٽ جو خطرو ٽلجي ويو

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي ٽيڪس هدف ۾ 150 ارب رپين جي گهٽتائي تي رضا ڏيکاري آهي، جنهن بعد عوام تي مني بجيٽ جا خطرا في الحال ختم ٿي ويا آهن۔ ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ تازي ڳالهين دوران نون ٽيڪسن لاڳو ڪرڻ بدران ٽيڪس ٽارگيٽ ۾ نرمي تي اتفاق ڪيو ويو۔ پاڪستان جو موقف هو ته سيلابي نقصانن ۽ معاشي دٻاءَ سبب وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ عوام تي اضافي بوجھ بڻجندو۔ذريعن موجب هن اڳڀرائي بعد ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 14 هزار 131 ارب رپين مان گهٽائي 13 هزار 981 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔ ايف بي آر کي مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 199 ارب رپين جي شارٽ فال جو سامنا رهيو، جڏهن ته آءِ ايم ايف ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ تي زور ڏنو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس هدف ۾ نرمي سان عوام تي في الحال مني بجيٽ جو دٻاءُ ٽلجي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو