بدين ۾ ٽماٽن جي فصل تباهه سنڌ ۾ قيمتون نئين اوچائي تي

سنڌ جي ضلعي بدين ۾ برساتن سبب ٽماٽن جي فصل کي سخت نقصان پهچڻ کان پوءِ صوبي ڀر ۾ ٽماٽن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. بدين، جيڪو ملڪ ۾ ٽماٽن جي پيداوار جو اهم مرڪز آهي، هن سال سانوڻي جي برساتن سبب وڏي تباهي جو شڪار ٿيو، جتي ڪيترن علائقن ۾ فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. آبادگارن کي ٻيهر ٻج پوکڻو پيو آهي ۽ هاڻ اهي نئين فصل جي انتظار ۾ آهن. زراعت کاتي موجب برساتن سبب 80 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ٽماٽن واري زمين متاثر ٿي آهي، جڏهن ته منڊي ۾ سپلائي رڪجڻ سبب ڪاروباري سرگرميون تقريباً بند ٿي ويون آهن.زراعت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته آبادگارن کي نقصان جي تلافي، منڊين جي بحالي ۽ ٽماٽن جي قيمتن ۾ استحڪام تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن بدين جي نئين فصل مارڪيٽ ۾ پهچندي. نئين فصل جي اچڻ سان ئي قيمتون آهستي آهستي معمول تي اچڻ جي اميد آهي، پر ان وقت تائين صارفين کي مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

پنھنجي راءِ لکو