وزيراعظم شهباز شريف ملڪي صنعت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ وڏو قدم کڻندي “روشن معيشت بجلي پيڪيج” جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو هن صنعتي، زرعي شعبي جي ماهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو۔ وزيراعظم موجب، پيڪيج تحت نومبر 2025 کان آڪٽوبر 2028 تائين صنعتن ۽ هارين کي رعايتي قيمتن تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي، جنهن تحت صنعتي شعبي کي 34 روپيه ۽ زرعي شعبي کي 38 روپيه في يونٽ بدران 22 روپيه 98 پئسا في يونٽ جي قيمت تي بجلي ڏني ويندي۔ شهباز شريف واضح ڪيو ته هن پيڪيج جو بار نه ته گهريلو صارفين تي وڌو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي شعبي تي، ڇوته اهو قدم معيشت جي استحڪام، صنعت ۽ زراعت جي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ برآمدات ۾ اضافي لاءِ اهم آهي۔ هن ٻڌايو ته گذريل سال سياري جي پيڪيج تحت صنعت ۽ زراعت 410 گيگاواٽ اضافي بجلي استعمال ڪئي، جنهن سان برآمدات وڌيون ۽ هزارين ماڻهن کي روزگار مليو۔ وزيراعظم چيو ته معاشي بحران باوجود، حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي گڏيل ڪوششن سان معيشت استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ هاڻ حدف معاشي خودمختاري آهي، جيڪا جلد حاصل ڪئي ويندي۔ شهباز شريف بجلي واري وزير سردار اويس لغاري ۽ سندس ٽيم جي ڪاوشن کي به ساراهيندي چيو ته ملڪي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ صنعت ۽ زراعت جي ترقي لازمي آهي ۽ حڪومت ڪاروباري آسانين ۽ خطي ۾ مقابلي جي فضا وڌائڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي۔
