پاڪستان هاڻ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ بڻجي ويو آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب

وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان هاڻ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ بڻجي چڪو آهي۔ نجي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ ۽ اسموگ جي فريڪيونسي وڌي رهي آهي، جنهن جا اثر معيشت تي به پيا آهن۔ هن چيو ته ٻوڏ کان اڳ ملڪ جي جي ڊي پي گروٿ 4.2 فيصد جو اندازو هو، پر هن سال جي ٻوڏ سبب 80 سيڪڙو نقصان پنجاب ۾ ٿيو، ۽ جيڪڏهن موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جا خطرا نظرانداز ڪيا ويا ته پاڪستان کي 3 ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ جو حدف متاثر ٿي سگهي ٿو۔ محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ هاڻ پنهنجن پيرن تي بيٺو آهي، ريليف ۽ ريسڪيو آپريشنز پنهنجي وسيلن مان ڪري رهيا آهيون، البت نئين تعمير جي ضرورت پئي ته عالمي ادارن کان گرانٽ حاصل ڪري سگهجي ٿي، ڇو⁠ته قرض ته آخرڪار واپس ڪرڻو هوندو آهي۔ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪارن نه صرف منافعو ڪمائي رهيا آهن پر پنهنجو سرمايو واپس به اماڻي رهيا آهن۔ هن چيو ته ورلڊ بينڪ ٽيڪس اصلاحات بابت حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي، جڏهن⁠ته ورلڊ بينڪ آڏو پريزنٽيشن دوران ٻڌايو ويو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، جنهن تي مصر جي ناڻي واري وزير پنهنجي ٽيم پاڪستان اماڻڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي۔ محمد اورنگزيب موجب گذريل سال هول سيل ۽ ريٽيلرز کان ٽيڪس وصولي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن⁠ته شوگر، سيمنٽ ۽ تمباڪو صنعتن مان به وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو۔ هن چيو ته لوئر ۽ مڊل سيلريڊ ڪلاس لاءِ انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ ٻين طبقن کي به رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔ هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪجهه بين الاقوامي ڪمپنيون پنهنجي گلوبل پاليسين سبب واپس ويون آهن، جڏهن⁠ته ڪيترين نئين ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري شروع ڪئي آهي، خاص طور تي ابوظهبي پورٽس ۽ يو اي اي جون ٻيون ڪمپنيون به اچي رهيون آهن، جڏهن⁠ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 95 هزار نوان سيڙپڪار شامل ٿيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام سان گڏ ٻن سالن ۾ 4 ارب ڊالر جو بيڪ ڊراپ ڪڍيو ويو آهي۔ کنڊ جي قيمتن بابت حڪومت ڊي ريگوليشن پاليسي ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن⁠ته ڪڻڪ جي قيمت بابت 2026 ۾ ڊي ريگوليشن پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن بعد ڪڻڪ جي صوبي کان ٻاهر منتقلي تي پابندي نه هوندي۔

پنھنجي راءِ لکو