پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ تاريخي ۽ منفرد تعلق قائم آهي: اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ فضائيه جي بنياد رکڻ ۾ پولينڊ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ منفرد تعلق قائم آهي۔ اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ جي نائب وزيراعظمن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پولينڊ سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، تعاون ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن۔ هن چيو ته نائب وزيراعظم پولينڊ رادوسواف سيڪورسڪي جي دوري جي آجيان ڪريون ٿا، جڏهن⁠ته ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو۔ ان موقعي تي افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ علائقائي سلامتي جا معاملا به غور هيٺ آيا، ۽ ٻنهي ملڪن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو۔ اسحاق ڊار ٻڌايو ته پولينڊ جي نائب وزيراعظم ڀارتي جارحيت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت ڪئي۔پريس ڪانفرنس کان اڳ ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ۽ پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، ۽ ٻنهي ملڪن جا نائب وزيراعظم ان موقعي تي موجود هئا۔انهي کان اڳ پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سيڪورسڪي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس وزارت ۾ آجيان ڪئي۔ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔ ترجمان موجب، رادوسواف سيڪورسڪي جو دورو پاڪستان ۽ پولينڊ جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڏيکاري ٿو۔گذريل جولاءِ ۾ وارسا ۾ ٿيل نائين ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ اعليٰ سطحي دورن، پارلياماني رابطن ۽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو، جتي خطي ۽ عالمي حالتن سميت ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ يورپ جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي۔ گڏيل فيصلي موجب، ايندڙ ڳالهين جو دور 2026 ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو۔

پنھنجي راءِ لکو