اسلام آباد ۾ مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪندڙ ايس پي عديل اڪبر جي پوسٽ مارٽم ۾ اهم انڪشافات سامهون آيا آهن۔ پمز اسپتال ۾ ميڊيڪل ليگل آفيسر پوسٽ مارٽم جي تفصيل مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ ابتدائي رپورٽ پوليس کي فراهم ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ ذريعن موجب عديل اڪبر کي هڪ ئي گولي لڳي، جيڪا اڳيان کان لڳي سر جي پٺيان نڪتي، جنهن سبب دماغ سخت متاثر ٿيو ۽ اها ئي موت جو سبب بڻجي۔ ٻڌايو ويو آهي ته ايس پي عديل ڊپريشن جو شڪار هئا ۽ ڊاڪٽرن کين هٿيار رکڻ کان منع ڪيو هو۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد پوليس جي ايس پي انڊسٽريل ايريا عديل اڪبر سرينا هوٽل جي ويجهو پنهنجي ساٿي اهلڪار کان پسٽل وٺي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيو هو۔ مرحوم جو واسطو گجرات سان هو، هو سي ايس ايس جي 46هين ڪامـن جا ٽاپر ۽ هڪ ننڍڙي ڌيءَ جا والد هئا۔ سندن جنازي جي نماز پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي۔
