دهشتگردي مخالف عدالت جو حڪم، عليمه خانم جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي جي دهشتگردي مخالف عدالت باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليمه خانم جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، انهن جا سڀ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ تفصيل موجب 26 نومبر جي احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي مخالف عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن ۾ ڪيس جا 10 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، پر عليمه خانم طلب ٿيڻ باوجود پيش نه ٿيون۔ عدالت چيئرمين نادرا کي عليمه خانم جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊي جي امیگريشن کي انهن جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي۔ ان سان گڏ عدالت ضامن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ عليمه خانم جا سڀ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جا حڪم ڏيندي، گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي فوري ڪارروائي جي هدايت به ڪئي۔ ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جا گواهه ۽ مالِ مقدمو عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جڏهن⁠ته پراسيڪيوٽر ظهير شاهه به موجود هو۔ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔

پنھنجي راءِ لکو