پاڪستان ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪندي پهريون ڀيرو مقامي سطح تي جديد ايڪس ري مشين تيار ڪري ورتي آهي۔ چين جي سهڪار سان تيار ڪيل هن مشين کي “I Care 50X” نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جا سڀ پرزا مقامي مارڪيٽ ۾ به موجود هوندا۔ هي مشين هيلٿ ايشيا ايڪسپو 2025 ۾ توجهه جو مرڪز بڻيل رهي، جتي شرڪت ڪندڙن کي ان جي جديد خصوصيتن ۽ فائدن بابت آگاهي ڏني وئي۔ عالمي مارڪيٽ ۾ هن مشين جي قيمت 20 کان 25 ملين رپيا آهي، جڏهنته پاڪستان ۾ ان جي تياري تي صرف 3 کان 4 ملين رپيا لاڳت آئي آهي۔ ماهرن موجب “I Care 50X” جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، جيڪا صرف 10 سيڪنڊن ۾ ايڪس ري جي تصوير مهيا ڪري ٿي۔ ان جي ريڊيئيشن جي شدت گهٽ هجڻ سبب مريضن لاءِ وڌيڪ محفوظ سمجهي وڃي ٿي۔ هي منصوبو 2020 ۾ شروع ڪيو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ پنجن سالن جي محنت بعد اها ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي۔ ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ هن مشين جو استعمال شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو پاڪستان جي ميڊيڪل انڊسٽري لاءِ هڪ وڏي پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي۔
