ڦول نگر ۾ نوره جهان جو ڳانو وڏي آواز ۾ هلائڻ تي دڪاندار گرفتار

پنجاب جي ضلعي قصور جي شهر ڦول نگر ۾ دڪاندار کي اونچي آواز ۾ ملڪا ترنم نوره جهان جو ڳانو ٻڌڻ مهانگو پئجي ويو۔ تفصيل موجب دڪاندار پنهنجي دڪان ۾ بلند آواز سان ڳانو “ويک وي دن چڙهيا ڪه نهي” هلائي رهيو هو، جنهن سبب شهرين ۽ راهگيرن کي شديد تڪليف پهتي۔ اطلاع ملڻ تي ٿاڻو صدر پتوڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڪارروائي ڪندي دڪاندار کي گرفتار ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب گرفتار ٿيل دڪاندار خلاف پنجاب ساونڊ ايڪٽ تحت مقدمو داخل ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو