ڪراچي: تيز رفتار واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سان موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي جي علائقي ڊي فنس فيز 2 ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ توري تائين نه ٿي سگهي آهي۔ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش کي ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي جاري آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ حفاظتي اصولن تي عمل نه ڪرڻ سبب پيش آيو۔ ٽريفڪ اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو گاڏي هلائيندي احتياط ڪن ته جيئن اهڙا افسوسناڪ حادثا روڪي سگهجن۔

پنھنجي راءِ لکو