نومبر 2024 ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ٿي ويا هئا — شير افضل مروت جو انڪشاف

قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت انڪشاف ڪيو آهي ته نومبر 2024 ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا، جنهن تحت عمران خان کي آزاد ڪرڻو هو، پر رينجرز سان ٿيل واقعي سبب اهو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو. هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته 3 نومبر تي ڳالهين جو عمل شروع ٿيڻ وارو هو ۽ ان مقصد لاءِ علي امين گنڊاپور، بيرسٽر گوهر، محسن نقوي ۽ راڻا ثناءُالله تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. شير افضل مروت موجب 25 نومبر تي عمران خان جيل ۾ وڊيو پيغام به رڪارڊ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ صبح جو کيس آزاد ڪرڻو هو، پر رينجرز واقعي سبب سڄو عمل رڪجي ويو. هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن اهو واقعو پيش نه اچي ها ته عمران خان نه رڳو آزاد ٿي وڃي ها، پر سياسي بحران به ختم ٿي وڃي ها۔

پنھنجي راءِ لکو