وفاقي حڪومت ڪڻڪ خريداري جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي ۽ هلندڙ سال لاءِ عبوري ڪڻڪ پاليسي جي ڊرافٽ کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جيڪا ايندڙ هفتي وفاقي ڪابينه کي پيش ڪئي ويندي۔ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت گڏيل طور تي 6.25 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي، جڏهن ته هن ڀيري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آبادگارن کان سڌي خريداري نه ڪنديون پر نجي شعبي ذريعي خريداري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو۔ وفاق 1.5 ملين ٽن، پنجاب 2.5 ملين ٽن، سنڌ هڪ ملين ٽن، خيبرپختونخواهه 7.5 لک ٽن ۽ بلوچستان 5 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو۔ حڪومت ڪڻڪ جي انڊيڪيٽو قيمت 3500 روپيه في مڻ مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ به قيمت وڌائي ويندي۔ ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي شرط تي ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر نه ڪئي وئي آهي ۽ صوبن کي خريداري جي عمل ۾ مڪمل آزادي ڏني ويندي۔
