ٽي ايل پي تي پابندي کان پوءِ مريم نواز جي سيڪيورٽي اسٽاف جي اسڪريننگ شروع

مذهبي پارٽي ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي سيڪيورٽي اسٽاف ۽ ٻئي عملي جي اسڪريننگ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، پنجاب حڪومت مريم نواز جي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سمورن اهلڪارن جي اسڪريننگ جو عمل جاتي عمره کان وٺي وزيراعليٰ آفيس تائين شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪريننگ صرف سيڪيورٽي اهلڪارن تائين محدود نه آهي پر ٻئي عملي تي به لاڳو ڪئي وئي آهي. چيڪنگ دوران اهو جائزو ورتو پيو وڃي ته ڪنهن به اهلڪار جو پابندي مڙهيل مذهبي پارٽي سان ڪو به واسطو ته نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو تعلق ثابت ٿيو ته کيس جاتي عمره ۽ سي ايم آفيس جي سيڪيورٽي ڊيوٽي تان فوري طور هٽايو ويندو. ذريعن موجب، هي اسڪريننگ جو عمل ٽي ايل پي خلاف تازي آپريشن کان پوءِ شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت پاران ٽي ايل پي تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته وفاقي ڪابينه پنجاب حڪومت جي سفارش تي ان تي پابندي جي منظوري ڏني هئي. سرڪاري ذريعن مطابق، اسڪريننگ جو مقصد سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ محفوظ بڻائڻ آهي.

پنھنجي راءِ لکو