پاڪ افغان ڇڪتاڻ سبب سرحدي رستا 13هين ڏينهن به بند واپار متاثر

پاڪ افغان ڇڪتاڻ سبب چمن، خيبر، ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان سميت ضلعي ڪرم جا سرحدي رستا 13هين ڏينهن به بند آهن. باب دوستي، طورخم، خرلاچي، انگوراڊه ۽ غلام خان سرحدن تي سوين مال سان ڀريل گاڏيون ڦاٿل آهن. ڪسٽم اختيارين موجب چمن ۾ باب دوستي گيٽ 4 رستي صرف افغان شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏين کي افغانستان وڃڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته چڪرين کانپوءِ هينئر تائين 10 هزار افغان شهرين کي واپس اماڻيو ويو آهي ۽ 1200 خالي ڪنٽينرز پاڪستان ۾ داخل ٿيا آهن. متاثر ٽريڊ روٽس تان ملبو اڃا تائين نه هٽايو ويو آهي، جڏهن ته باب دوستي کلڻ جي صورت ۾ ٽرانزٽ ڪنٽينرز کي مرحليوار بحال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سرحدي بندش سبب چمن کان ڪراچي روٽ تي سوين ٽرڪ ۽ ڪنٽينرز بيٺل آهن، جن ۾ موجود گوشت، فروٽ، سبزيون ۽ جوس خراب ٿي رهيا آهن. خيبر ۾ طورخم، ڏکڻ وزيرستان ۾ انگور اڊه، اتر وزيرستان ۾ غلام خان ۽ ضلعي ڪرم ۾ خرلاچي سرحد بند هجڻ ڪري ڪارگو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.

پنھنجي راءِ لکو