ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور لڳ نامعلوم هٿياربندن چاچڙ برادري جي ٻن نوجوانن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان موقع تي ئي قتل ٿي ويا. واقعي کان پوءِ پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ قهرام مچي ويو. ذريعن موجب، بگٽي برادري جي هٿياربندن چاچڙ برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جا منهن کوليا، جنهن دوران فائرنگ سان ٻه نوجوان معشوق علي چاچڙ ۽ رياض چاچڙ مارجي ويا، جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو آهي. واقعو ڪارنھن جي تڪرار سبب پيش آيو، جيڪو ٻنهي برادرين وچ ۾ ڪجهه عرصي کان جاري هو. مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته “اسان جو ڪارنھن جي معاملي سان ڪو به لاڳاپو ناهي، بگٽي برادري اسان جي بيگناه نوجوانن کي قتل ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي.” آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته پوليس جاچ جاري آهي.
