ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ خوارج جي خلاف موثر قدم کنيا آهن ۽ دشمن جي ڪنهن به جارحيت جي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل آهن۔ مردان ۾ مختلف يونيورسٽين ۽ مدرسن جي استادن ۽ شاگردن سان خصوصي ملاقات دوران عبدالولي خان يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ادارن جا شاگرد ۽ استاد وڏي انگ ۾ موجود هئا، جن سان پاڪ فوج جي معرڪي، پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ شاگردن ۽ استادن پاڪ فوج جي غازين ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهين کان پوءِ اسان جا ڪيترائي وسوسا ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي اسان پاڪ فوج جي ڪردار کي وڌيڪ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا۔ شاگردن چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خيبرپختونخواهه جا نوجوان پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن ۽ دشمن طاقتن جي سوشل ميڊيا پروپيگنڊا جي حقيقت کان آگاهه ٿي ويا آهن۔ انهن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي قربانين سبب ملڪ اڄ محفوظ آهي، تنهن ڪري اسان جي ذميواري آهي ته فوج سان ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل رهون۔
