ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جا مقابلا ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جو دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ پوليس جا مختلف هنڌن تي ڏوھارين سان مقابلا ٿيا، جن ۾ ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي۔ پوليس موجب گرفتار ٿيل ڏوھارين مٿان مختلف نوعيتن جا ڪيس داخل آهن۔ خبر موجب، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ موڙ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان گشت ڪندڙ پوليس جو مقابلو ٿيو۔ پوليس کي ڏسي ڏوھارين فائرنگ ڪئي، جنهن جو پوليس پاران به جواب ڏنو ويو۔ مقابلي دوران ڏوھاري ديدار ملڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن⁠تہ سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ زخمي ڏوھاري کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان علاج بعد کيس لاڪپ ڪيو ويو۔ ٻيو مقابلو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد هيبت روڊ تي ٿيو، جتي ڏوھاري ڦر جي واردات ڪري رهيا هئا۔ ان دوران 15 مددگار پوليس انچارج خليل لغاري پنهنجي ٽيم سميت پهچي مقابلو ڪيو۔ پوليس موجب مقابلي ۾ ڏوھاري رحيم عرف رحيم بخش سبزوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن⁠تہ سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽلون به هٿ ڪيون ويون۔ گرفتار ٿيل ڏوھارين مٿان وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو