گوجرانواله ۽ ڪماليه ۾ الڳ الڳ ٽريفڪ حادثا، ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت

گوجرانواله ۾ حافظ آباد روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي وين سان ٽڪر سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪماليه ۾ الڳ حادثي ۾ 2 ٻارن سميت 4 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. ريسڪيو ذريعن موجب گوجرانواله جي قلعه ديوان سنگهه ڀرسان ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن ۾ امجد، جبران، اذان، رخسانه ۽ نسرين نالي ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪماليه ۾ رجانه روڊ تي ڊبل ڪيبن گاڏي ڀاڄي واري ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻنهي حادثن تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو