اڊياله جيل مان اسپتال منتقل دوران قيدي جي موت جيل ۾ گنجائش کان ٽي ڀيرا وڌيڪ قيدي موجود

اڊيالا جيل مان امراضِ قلب جي اسپتال منتقل ڪيا ويندڙ ٽن قيدين مان هڪ قيدي منتقلي دوران دم توڙي ڇڏيو۔ جيل ذريعن موجب قيدين کي دل جي تڪليف سبب راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن دوران هڪ قيدي ممتاز اقبال فوت ٿي ويو۔ ممتاز اقبال ٿاڻي کلر سيدان ۾ منشيات جي مقدمي ۾ گرفتار هو، جڏهن ⁠تہ ٻيا ٻه قيدي قتل جي ڪيسن ۾ گرفتار آهن۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل ۾ حالتون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن، ڇو⁠تہ هتي گنجائش کان ٽي ڀيرا وڌيڪ قيدي رکيل آهن۔ انتظاميه موجب جيل ۾ 2,200 قيدين جي گنجائش آهي، پر هن وقت 7,000 کان وڌيڪ قيدي قيد آهن۔ واضح رهي ته 2024 ۾ به اڊيالا جيل ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو هو، جڏهن ايڊز وارڊ ۾ چار قيدين هڪ ساٿي قيدي کي ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو۔ جيل ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ناقص سهولتن سبب انتظاميه کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو