بنون ۾ شادي جي تقريب رت ۾ رڱجي وئي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل 8 زخمي

بنون جي علائقي نار جعفر ۾ شادي جي خوشي ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، جتي موسيقي جي دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ بعد فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب رات دير سان شادي جي تقريب ۾ ڊي جي ميوزڪ تي کدڙا فقير رقص ڪري رهيا هئا ته انهي دوران کدڙي فقير کي ڇيڙڻ تان ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار ٿي پيو، جيڪو جلدي جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو. جهيڙي دوران هڪ ڌر هٿيار کڻي آئي ۽ بي دريغي سان فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ لاشن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ٽي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن. پوليس طرفان واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن جي ڳولا جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو