فيصل آباد جي چڪ 83 ۾ گهريلو جهيڙي جي تنازع تي 25 ورهين جي اقصیٰ مبينا طور پنهنجي مڙس 42 ورهين جي شاهد کي کاڌي ۾ زهر ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهد فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب مقتول جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ الزام هيٺ آيل عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ٻنهي جي شادي ٻه سال اڳ ٿي هئي۔ پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن۔ واضح رهي ته 18 آگسٽ تي به فيصل آباد ۾ هڪ عورت کي مڙس ۽ سسراليئن گهريلو جهيڙي تان زهر ڏئي قتل ڪيو هو، جنهن بعد پوليس مقتولہ جي مڙس فهيم کي گرفتار ڪيو هو۔
