بلوچستان: ضلعي ڪيچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي تي ريموٽ بم ڌماڪو، 8 ڄڻا زخمي

ضلع ڪيچ، بلوچستان: ضلعي ڪيچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي قافلي جي گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ليوي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب ڌماڪو تربت پريس ڪلب روڊ تي ٿيو جڏهن ڊپٽي ڪمشنر بشير احمد بڙيچ جو قافلو اتان گذري رهيو هو. زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.پوليس موجب بارودي مواد موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو ۽ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي اڏايو ويو. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر بشير احمد ڌماڪي دوران محفوظ رهيو. ايس ايس پي ڪيچ ڪيپٽن (ر) زوهيب محسن بلوچ موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ موقعي تي پوليس ۽ ايف سي پڻ پهچي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو