ڪنڌڪوٽ بخشاپور ڀرسان فائرنگ ۾ زخمي ڊرائيور فوت قتل ٿيلن جو انگ ٻه ٿي ويو ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) بخشاپور ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ شر برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪار ڊرائيور اقبال احمد ڇڄڻ زخمن جا سور نه سهندي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هن واقعي ۾ قتل ٿيلن جو انگ وڌي ٻه ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن. تفصيل موجب ٽي ڏينهن اڳ بخشاپور جي مياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنڱر جي ڪار تي شر گينگ جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ بخشاپور واسي حبيب الله ٽانوري موقعي تي مارجي ويو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنڱر ۽ ڊرائيور اقبال ڇڄڻ سخت زخمي ٿي پيا هئا. زخمين کي علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اقبال ڇڄڻ زخمن سبب دم ڏئي ڇڏيو. واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود مياڻي پوليس طرفان ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي علائقي ۾ ڏک ۽ بيچيني وڌي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو