ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ضلع جيڪب آباد جي ميرپور ٻرڙو واسي وارثن پنهنجي مقتولا عورت جو لاش کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي شهر جو مکيه روڊ به بند ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ هو ته بي سيڪشن ٿاڻي تي جڏهن ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويا ته پوليس انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ انهن لاش کڻي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. مقتولا عورت جي ماءُ ميما خاتون، ڀيڻين ۽ ڀائرن رحمت اللّٰه ٻرڙو، معشوق ٻرڙو سميت ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ظالمن بيگناھ سندن نياڻي کي قتل ڪيو، صبح کان اسپتال ۾ لاش رکيل هو ۽ ڏير درياءُ خان کوسي فون ڪري چيو ته “اوهان جي ڇوڪري کي ڪارو ڪري قتل ڪيو آهي، لاش اچي وٺو.” وارثن موجب مقتولا جا چار معصوم ٻار آهن، جن مان هڪ نياڻي به کوسن وٽ آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارن کان پيسا وٺي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. وارثن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن مقتولا کي انصاف ملي سگهي.
