شيخوپوره — شاهين ولاز سيم پل بائي پاس تي هڪ المناڪ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرڪ اسڪول بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب بس نالي ۾ ڪري پئي ۽ 21 ٻار زخمي ٿي پيا۔ريسكيو عملدارن موجب امدادي ڪارروايون فوراً شروع ڪيون ويون ۽ سڀئي ٻار محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيا ويا۔ ست ٻارن کي هلڪي زخمن جي علاج لاءِ واقعي واري هنڌ تي طبي امداد ڏني وئي، جڏهنته 15 زخمي ٻارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو۔پوليس موجب حادثي جي جاچ جاري آهي، جڏهنته ٽرڪ ڊرائيور واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي۔ياد رهي ته تازو ئي ڪراچي جي ناظم آباد علائقي ۾ اسڪول وين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي هئي، جنهن سبب 6 ٻار سڙي زخمي ٿي پيا هئا۔ ريسڪيو اختيارين موجب باهه وين جي گرم ٿيڻ ۽ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي۔
