پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد تي متفق

پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔رپورٽ موجب، مسلم ليگ (ن) جي وفد ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ملاقات دوران آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ ۽ نئين حڪومت جي تشڪيل بابت به ڳالهيون ڪيون ويون۔ملاقات ۾ امڪاني وزيراعظمن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان مسلم ليگ (ن) کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جو حصو بڻجڻ جي باضابطه دعوت ڏني وئي۔ملاقات کان پوءِ احسن اقبال، امير مقام، راجه پرويز اشرف ۽ قمرزمان ڪائره صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم آزاد ڪشمير خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) به اسان سان گڏ هوندي۔قمرزمان ڪائره چيو ته مسلم ليگ (ن) حڪومت جو حصو نه بڻجندي، پر تحريڪ عدم اعتماد ۾ اسان جو ساٿ ڏيندي۔ ساڳئي وقت سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو ته موجوده حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ اتفاق راءِ آهي ته آزاد ڪشمير ۾ بهتر حڪومت قائم ڪرڻ ضروري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو