شهرِ قائد ۾ مضرِ صحت کير جي وڪري خلاف آپريشن جاري آهي۔ اڱاري جي ڏينهن وڌيڪ 7 دڪانن سيل ڪيا ويا، جن مان 3 ضلعي ڏکڻ، 3 اوڀر ۽ 1 ملير ضلعي ۾ آهن۔ سڀني دڪانن مان ورتل نمونن ۾ يوريا جي ملاوٽ ثابت ٿي۔
ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي هدايت تي ملاوٽ ٿيل کير خلاف ڪريڪ ڊائون تيزي سان جاري آهي۔ رپورٽ موجب، ملير جي دلپسند ڊيري جيڪا فارملين جي ملاوٽ سبب اڳ ئي سيل هئي — جي کير ۾ يوريا به موجود هئي۔انتظاميا جي گڏيل ڪارروائين ۾ اڄ تائين 27 دڪانن سيل ڪيا ويا آهن۔ ان سلسلي ۾ ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنرز، ڊائريڪٽر جنرل فوڊ اٿارٽي ۽ بيورو آف سپلاءِ جا آفيسر پڻ شرڪت ڪئي۔
