ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري جي اهم ملاقات

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري سان اهم ملاقات ٿي آهي۔رپورٽ موجب، وڏي وزير سهيل آفريدي ڪور ڪمانڊر سان ون آن ون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ امن امان جي بهتري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔سيڪيورٽي ذريعن موجب، ملاقات ون ٽو ون نوعيت جي هئي ۽ ان ۾ ٻيو ڪو به ذميوار موجود نه هو۔ ملاقات امن جرگه کان اڳ ٿي، جيڪا ڪرٽيسي ڪال جي حيثيت رکي ٿي۔ذريعن مطابق، ٻنهي اڳواڻن صوبي ۾ دهشتگردي خلاف حڪمت عملي، امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ادارن جي سهڪار بابت پڻ ڳالهيون ڪيون۔ياد رهي ته اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ڪابينه سان گڏ ڪور ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي هئي، جڏهن ته نئون چونڊيل وڏو وزير سهيل آفريدي پنهنجي حيثيت ۾ ون ٽو ون ملاقات ڪري نئون رواج قائم ڪيو آهي

پنھنجي راءِ لکو