سنڌ جي شهر جامشورو جي فيض محمد ڳوٺ ۾ گيسٽرو جي وبا سبب ٿيل موتن کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه نوٽيس ورتو۔وزيراعليٰ جي هدايت تي صحت کاتي ۽ پي پي ايچ آءِ جون ٽيمون متاثر ڳوٺ ڏانهن روانيون ڪيون ويون، جڏهن ته صاف پاڻي جا ٽينڪر به موڪليا ويا آهن۔ذرائع موجب، وزيراعليٰ کي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي جامشورو پاران گيسٽرو جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ موڪلي وئي هئي۔رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته فيض محمد ڳوٺ ۾ 85 ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، جن مان 15 جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 105 مريضن جو علاج مڪمل ڪيو ويو آهي۔مراد علي شاهه چيو ته ’’عوام جي صحت منهنجي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به متاثر ماڻهو کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي‘‘۔هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڳوٺ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن گيسٽرو جي وبا تي ضابطو آڻي سگهجي۔
