راولپنڊي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ غير قانوني افغان شهريَن خلاف ڪارروائي تيز گهر مالڪن خلاف به مقدما

وفاقي گاديءَ واري علائقي جي جڙواڻ شهر راولپنڊي ۽ ان جي مضافاتي علائقن ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهريَن خلاف ڪارروايون وڌيڪ سخت ڪيون ويون آهن۔ پوليس ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير قانوني افغان شهري گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن⁠ته انهن گهر مالڪن خلاف به قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي جن سرڪاري پابندي باوجود پنهنجا گهر انهن ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنا هئا۔پوليس ذريعن موجب راولپنڊي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ الڳ الڳ مقدما داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ گهر مالڪن تي الزام آهي ته انهن غير قانوني طور رهندڙ افغان شهريَن کي رهائش فراهم ڪئي۔ اهي مقدما ٿاڻي مورگاهه، ٿاڻي جاتلي ۽ ٿاڻي واھ ڪينٽ ۾ داخل ڪيا ويا، جن ۾ ملوث ماڻهن خلاف فارم ايڪٽ ۽ پنجاب انفارميشن آف ٽمپريري رھائشي ايڪٽ 2015 جي شق 11 تحت ڪارروائي ٿي رهي آهي۔مقدمن ۾ افغان شهري زاهد خان ۽ محمد امين کي نالي وار ڪيو ويو، جڏهن⁠ته پوليس موجب انهن وٽ ويزا، اجازت نامو يا تصديق ٿيل دستاويز موجود نه هئا۔ گهر مالڪ اظهر محمود ۽ چوهدري عادل ڪرائي جو اندراج به نه ڪرايو هو۔ پوليس شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به غير قانوني رهواسي کي گهر يا ڪمرو ڪرائي تي ڏيڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو