پي آءِ اي جي نجيڪاري کان اڳ 16 هزار رٽائرڊ ملازمن کي پنشن نه ملي

پي آءِ اي جي نجيڪاري کان اڳ رٽائرڊ ملازمن لاءِ نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي۔ قومي ايئر لائن جي 16 هزار رٽائرڊ ملازمن کي سيپٽمبر مهيني جي پنشن اڃا تائين نه ملي سگهي آهي۔ذريعن موجب، پنشن جي ادائيگي ۾ دير سبب رٽائرڊ ملازم سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ ملازمن جي پنشن جي ذميواري پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني تي آهي، پر ادائيگي ۾ دير جي واضح سبب بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او اسد رسول سان موقف لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو۔قومي ايئر لائن رٽائرڊ ملازمن ايسوسيئيشن جي صدر سيد طاهر حسين چيو ته ’’پنشن نه ملڻ سبب بزرگ ملازمن کي سخت مالي ڏکياين کي منهن ڏيڻو پيو، ڪيترائي ڀيرا ڪمپني سيڪريٽري ۽ چيف فنانس آفيسر سان رابطو ڪيو پر ڪو به تسلي بخش جواب نه مليو۔‘‘رٽائرڊ ملازمن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پنشن جي فوري ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن بزرگ شهري وڌيڪ مشڪلاتن کان بچي سگهن۔

پنھنجي راءِ لکو