ڪراچي ۾ نئون فيس ليس سسٽم لاڳو ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي گاڏي به چالان کان نه بچي

شهرِ قائد ڪراچي ۾ نئين فيس ليس سسٽم تحت ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين تي اي چالان جاري ٿيڻ جو عمل جاري آهي، ۽ لاڳو ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ئي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي گاڏي به ڪيمري ۾ اچي وئي۔رپورٽن موجب، ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 هزار رپين جو چالان جاري ڪيو ويو، جنهن سان گڏ 2 ڊي ميرٽ پوائنٽ به شامل ڪيا ويا آهن۔ چالان گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو هو، جنهن جي ادائيگي جي آخري تاريخ 19 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي۔گاڏي ايڪسائيز جي رڪارڊ موجب آءِ جي سنڌ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي۔ چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته گاڏي لياري ايڪسپريس وي گارڊن تي هئي ۽ ڊرائيور سيٽ بيلٽ نه ٻڌي هئي۔پير محمد شاهه چيو ته “ها، منهنجي گاڏي جو چالان ٿيو آهي، گاڏي ڊرائيور وٺي ويو هو، مون کي اڄ اطلاع ملي آهي۔”ذريعن موجب، اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 4 هزار 301 شهرين کي به قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان جاري ڪيا ويا۔

پنھنجي راءِ لکو