پاڪستان ريلوي لاهور ۽ فيصل آباد کان ڪراچي، ڪوئيٽا، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن لاءِ نئون ٽرين شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ريلوي کاتي موجب قراقرم ايڪسپريس (ڊائون) منجهند 3 وڳي لاهور کان ڪراچي روانو ٿيندو،جڏهنته پاڪ بزنس ايڪسپريس (ڊائون) جيڪو اڳ 4 وڳي 30 منٽن تي روانو ٿيندو هو، هاڻي شام 5 وڳي 45 منٽن تي روانو ٿيندو۔ان سان گڏ ڪراچي ايڪسپريس (ڊائون) شام 6 وڳي لاهور کان روانو ٿيندو۔ريلوي ترجمان ٻڌايو ته شاهه حسين ايڪسپريس (ڊائون) جي مسافرن کي اڄ گرين لائين ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو،گرين لائين (ڊائون) ڪراچي لاءِ رات 8 وڳي 40 منٽن تي روانو ٿيندي۔قراقرم ايڪسپريس (ڊائون) لاهور کان ساهيوال جي رستي ڪراچي ويندي،جڏهنته پاڪستان ايڪسپريس (ڊائون) به ساڳئي رستي تي ڪراچي رواني ٿيندي۔شيڊول موجب ملت ايڪسپريس (ڊائون) فيصل آباد کان منجهند 2 وڳي روانو ٿيندي ۽ چڪ جھمراه، سانگله هل، لاهور ۽ ساهيوال مان ٿيندي ڪراچي پهچندي۔رحمان بابا ايڪسپريس (ڊائون) به لاهور ۽ ساهيوال جي رستي ڪراچي ويندي۔ريلوي ترجمان موجب ڪراچي کان ايندڙ پاڪستان ايڪسپريس ساهيوال جي رستي لاهور ۽ راولپنڊي ويندي۔ملت ايڪسپريس (اپ) ساهيوال، لاهور، سانگله هل ۽ چڪ جھمراه جي رستي فيصل آباد پهچندي،جڏهنته رحمان بابا ايڪسپريس (47 اپ) لاهور ۽ ساهيوال جي رستي پشاور ويندي۔
