حڪومت ملڪ مان قيمتي پٿرن (Gemstones) جي برآمد کي فروغ ڏيڻ لاءِ جم اسٽون ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ذريعن موجب واپار واري وزارت پارليمان کان نئين اٿارٽي جي انتظامي ڍانچي بابت راءِ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهنته ان اٿارٽي جي ذميواري صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي ڏني ويندي۔واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته سندس ڪردار صرف تجارتي لاڳاپن جي واڌ ۽ نئين منڊين جي ڳولا تائين محدود آهي، تنهن ڪري مائننگريگيوليشن، پيداوار ۽ مقامي پروسيسنگ جهڙا معاملا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت بهتر نموني سنڀالي سگهي ٿي۔ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مجوزه جم اسٽون ڊولپمينٽ اٿارٽي قيمتي پٿرن جي شعبي کي باضابطه بڻائڻ ۽ برآمد وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي۔اٿارٽي جي قيام سان غير قانوني مائننگ، اسمگلنگ، محدود ويليو ايڊيشن ۽ غير تيار ڪيل پٿرن جي برآمد کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان ملڪ جي زرمبادلي ۾ اضافو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي۔
