ڪراچي ايئرپورٽ تي جديد اينٽي گريٽيڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم (IBMS) جو آغاز

ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن جي نئين انٽي گريٽيڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم (IBMS) جي جديد ورزن جو آغاز ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ اي اميگريشن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن بين الاقوامي ايئرپورٽن تي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس مربوط بارڊر مينيجمينٽ سسٽم کي ڪاميابي سان فعال ڪري ڇڏيو آهي۔ايف آءِ اي جي عملدارن موجب آءِ بي ايم ايس جي ذريعي قومي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي ۽ سرحدي ڪنٽرول جي صلاحيتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي۔حڪام جو چوڻ آهي ته هي نظام پاسپورٽ جي پاڻمرادو تصديق، چهري جي سڃاڻپ واري نظام ذريعي پاسپورٽ هولڊرن جي بايوميٽرڪ سڃاڻپ مهيا ڪري ٿو۔ان سان گڏ غير ملڪي ویزن جي تصديق، ايف آر ايس (Face Recognition System) تي ٻڌل سڃاڻپ، محافظ ڪليئرنس، سرڪاري ملازمن جي تصديق، نیشنل اسٽاپ لسٽ ۽ انٽرپول ڊيٽابيس سان فوري تصديق به هن سسٽم ۾ شامل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو