پنجاب ۾ زمين جي تحفظ لاءِ نئون قانون لاڳو ڪيس 90 ڏينهن ۾ حل ڪيا ويندا

پنجاب ۾ عام شهرين جي زمينن جي مالڪي ۽ تحفظ لاءِ پنجاب پروٽيڪشن آف اونرشپ آف اِم موويبل پراپرٽي آرڊيننس 2025 لاڳو ڪيو ويو آهي۔وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قبضه مافيا خلاف اهم فيصلا ڪيا ويا۔2 اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته شهرين جي زمينن تي قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون۔هاڻي زمين سان لاڳاپيل اهي ڪيس، جيڪي سالن تائين عدالتن ۾ التوا هيٺ هوندا هئا، صرف 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيا ويندا۔ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميٽي جي فيصلي خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ خاص ٽربيونل ۾ داخل ڪري سگهبي، جيڪو به اپيل تي فيصلو 90 ڏينهن اندر ڪرڻ جو پابند هوندو۔ماهرن موجب، هي قانون پنجاب ۾ زمينن تي قبضا ۽ ملڪيت جي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي۔

پنھنجي راءِ لکو