اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيليڪام شعبي ۾ گمراهه ڪندڙ اشتهارن ۽ غير مقابلي واري رويي بابت ڪيس ۾ ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) جي اختيار کي صحيح قرار ڏيندي جاز، ٽيلي نار، زونگ، يوفون، وارد، پي ٽي سي ايل ۽ وائي ٽرائب جون سڀ درخواستون رد ڪري ڇڏيون۔جسٽس انعام امين منهاس پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته ڪميشن ڪمپيٽيشن ايڪٽ 2010 جي تحت مڪمل قانوني اختيار سان قدم کنيا۔ عدالت موجب، سي سي پي جو دائرو معيشيت جي هر شعبي تائين پکڙيل آهي، جنهن ۾ ٽيليڪميونيڪيشن شعبي کي به شامل ڪيو ويو آهي۔فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪميشن کي گمراهه ڪندڙ اشتهارن، غير مقابلي واري روين ۽ اجاري داري جي غلط استعمال جي جاچ جو مڪمل قانوني حق حاصل آهي۔ عدالت واضح ڪيو ته پي ٽي اي ۽ سي سي پي ٻئي ادارا الڳ پر تڪميلي دائراڪار رکن ٿا — جتي پي ٽي اي ٽيڪنيڪل معاملن جي نگراني ڪري ٿي، اتي سي سي پي مارڪيٽ ۾ صحتمند مقابلي کي يقيني بڻائي ٿي۔ڪمپنين 2013 ۽ 2014 ۾ جاري ڪيل شوكاز نوٽيسز کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو، جيڪي پري پيڊ ڪارڊز تي اضافي فيس، “ان لميٽيڊ انٽرنيٽ” جي غلط تشهير ۽ قيمتن جي امتيازي پاليسي بابت هئا۔عدالت چيو ته اهيدرخواستون قبل از وقت ۽ ناقابلِ سماعت آهن، ڇوته ڪمپنين وٽ ڪميشن ۽ اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل جا قانوني فورم موجود آهن۔آخر ۾ عدالت واضح ڪيو ته ڪمپيٽيشن ڪميشن کي ٽيليڪام شعبي ۾ مڪمل اختيار حاصل آهي ۽ ان ۾ مداخلت ڪرڻ ادارائي ڪم کي روڪڻ جي برابر هوندو، تنهنڪري سڀني ستن درخواستن کي رد ڪيو وڃي ٿو۔
