اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان مشن جي فرسٽ سيڪريٽري سرفراز احمد گوهر ڀارت جي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ڪشمير نه ڀارت جو حصو هو، نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو۔هن چيو ته جمون ۽ ڪشمير متنازع علائقو آهي جنهن جو فيصلو صرف رائي شماري ذريعي ٿي سگهي ٿو۔سرفراز گوهر موجب سلامتي ڪائونسل جون قراردادون ڪشميرين جي خود اراديت جي حق جي ضمانت ڏين ٿيون، جڏهن ته ڀارت اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 هيٺ انهن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي۔ٻئي پاسي، اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار چيو ته انساني حقن جي ڪائونسل کي مظلوم قومن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔هن چيو ته امن تڏهن ممڪن آهي جڏهن قبضا ختم ٿين ۽ قومن کي پاڻ فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي۔
