ايم ڊي ڪيٽ 2025 ۾ ڪراچي جي شاگردن جو راڄ پهريون ٽئي پوزيشنون پنهنجي نالي ڪري ڇڏيون

ايم ڊي ڪيٽ 2025 جي نتيجن ۾ ڪراچي جي شاگردن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو۔
آءِ بي اي سکر يونيورسٽي پاران جاري نتيجن موجب ٽاپ 10 ۾ شامل 124 اميدوارن مان 41 ڪراچي جا آهن۔نتيجن ۾ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر به ڪراچي جي شاگردن حاصل ڪيا۔شماريات موجب ايم بي بي ايس جا 56 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس جا 48 سيڪڙو اميدوار ناڪام ٿيا، جڏهن ته 14 هزار 300 شاگردن 55 سيڪڙو يا وڌيڪ نمبر وٺي ايم بي بي ايس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔ساڳي ريت بي ڊي ايس جا 17 هزار 123 اميدوارن 50 سيڪڙو يا وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا۔پوزيشن هولڊرن ۾ ڪراچي جي سيد محمود خان 180 مان 175 نمبر وٺي پهريون نمبر حاصل ڪيو۔ڪورنگي جي فيصل اشرف خان ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي شيراز حسين 174 نمبر سان گڏجي ٻيون پوزيشن ورتي۔ٽيون نمبر به گڏيل طور ڪراچي جي محمد ريان همايون، ڪورنگي جي ماه نور شاهناز ۽ حيدرآباد جي حرا عابد حاصل ڪيو، جن 173 نمبر حاصل ڪيا۔مجموعي طور ڪراچي جي شاگردن هڪ ڀيرو ٻيهر تعليمي ميدان ۾ پنهنجي برتري برقرار رکي۔

پنھنجي راءِ لکو