سندھ ۾ ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي ڊي جي سيپا وقار حسين ڦلڦوٽو

سندھ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي ڊائريڪٽر جنرل وقار حسين ڦلڦوٽو چيو آهي ته هاڻي صوبه سنڌ ۾ ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔هن چيو ته آلودگي پيدا ڪندڙ صنعتي ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڇو⁠ته صنعتي فضلو، زهريلا خارجا ۽ دونھون ماڻهن جي صحت ۽ ماحول لاءِ وڏو خطرو آهن۔وقار حسين ڦلڦوٽو، جيڪو وزيراعليٰ سنڌ جو مشير ماحوليات به آهي، حيدرآباد جي مختلف صنعتي علائقن جو دورو ڪيو ۽ اتي ماحولياتي حالتن جو جائزو ورتو۔هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ماحولياتي معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو وڃي ۽ قانون جي مطابق سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو