پاڪستاني اختيارين غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ لاءِ طورخم سرحدي گزرگاهه 20 ڏينهن بعد ٻيهر کولهي ڇڏي آهي۔ذريعن موجب، سرحد في الحال صرف افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهنته ٻه طرفي واپار ۽ عام اچ وڃ تي پابندي برقرار رهندي۔طورخم سرحد ڪجهه هفتا اڳ افغانستان جي پاسي کان دراندازي سبب بند ڪئي وئي هئي۔ هي سرحد دنيا جي مصروف ترين سرحدي رستن مان هڪ آهي جتي روزانو هزارين ماڻهو ۽ سامان جي گاڏيون اچ وڃ ڪن ٿيون۔پاڪستاني سفارتي اختيارين موجب، ٻنهي ملڪن جي ڳالهين بعد طورخم گزرگاهه کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن ڪو نئون تڪرار پيدا نه ٿيو ته سرحد ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن اندر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ذريعن موجب، سرحد تي سڪيورٽي ۽ انتظامي تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ڪسٽم ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار ڊيوٽين تي موڪليا ويا آهن، ۽ ايمپورٽ-ايڪسپورٽ اسڪينرز ٻيهر لڳايا ويا آهن ته جيئن پناهگيرن جي واپسي جو عمل شفاف طريقي سان جاري رهي۔
