مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ واڌ

وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کان پوءِ مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جون قيمتون به وڌائي ويون آهن۔ ان سلسلي ۾ مالي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 3 رپيا 34 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 185 رپيا 5 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ نيون قيمتون اڄ کان لاڳو ٿي ويون آهن۔ان سان گڏ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 1 رپيو 22 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ان جي نئين قيمت 163 رپيا 98 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔اهي نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ لاڳو رهنديون۔

پنھنجي راءِ لکو