شهري راڄڌاني ۾ ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن سان هٿاپائي ڪندڙ شخص کي پوليس ڪار سميت گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب واقعو وفاقي گادي واري علائقي سيڪٽر آءِ-ايٽ ۾ پيش آيو، جتي ٽريفڪ پوليس هڪ شهري جي ڪار روڪڻ تي شهري ٽٻي اچي ويو ۽ ٽي اهلڪار تشدد جو نشانو بڻايا، جن مان هڪ کي ڌڪ ڏئي هيٺ ڪري ڇڏيو۔پوليس اهلڪارن تي تشدد جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس فوري ڪارروائي ڪندي شهري کي گرفتار ڪري ورتو۔پوليس موجب گرفتار ٿيل شخص کي ڪار سميت ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت جاچ جاري آهي۔
