پاڪستان ۽ ڪينيڊا زرعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي متفق ٿي ويا آهن۔ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل (SIFC) زرعي ترقي ۽ جدت لاءِ سرگرم آهي۔وفاقي وزير براءِ غذائي تحفظ رانا تنوير حسين ۽ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي زرعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن۔ ٻنهي ملڪن هائبرڊ ٻج، لائيو اسٽاڪ جي افزائش ۽ فيڊ فارميوليشن ۾ گڏيل سهڪار تي غور ڪيو۔وفاقي وزير پاڪستان ۾ زرعي مشينري جي مقامي تياري لاءِ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جون تجويزون پڻ ڏنيون۔ ڪينولا جي پوک سان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي، پر هارين جي آمدني ۾ به اضافو ٿيندو ۽ عالمي منڊي تائين رسائي ممڪن بڻبي۔ڪينيڊا سان زرعي ۽ غذائي تحفظ ۾ ڀائيواري پاڪستان جي برآمدات کي عالمي سطح تي فروغ ڏيندي۔ ٻنهي ملڪن سرٽيفڪيشن، مارڪيٽ تائين رسائي ۽ فني سهڪار لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو۔ايس آءِ ايف سي جون اثرائتي پاليسيون غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد حاصل ڪري ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي رهيون آهن۔
