چيني صدر شي جن پنگ پنهنجن ساٿي لي جے ميونگ کي ڏکڻ ڪوريا جي دوري دوران چيني ٺهيل اسمارٽ فونون تحفي ۾ ڏنا۔ هي ملاقات ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تعاون (APEC) جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۽ سرڪاري سربراهه اجلاس دوران ڏکڻ ڪورين شهر گيونگجو ۾ ٿي۔رپورٽ موجب شي جن پنگ لي جے ميونگ کي شياؤمي جا ٻه اسمارٽ فون تحفي طور ڏنا ۽ مذاق ڪندي چيو: “چيڪ ڪيو، ڇو ته ممڪن آهي هيءَ بیک ڊور هجي”۔ هن موقعي تي موجود ماڻهن کل جو اظهار ڪيو۔ هڪ اهلڪار ٻڌايو ته انهن ڊيوائسز جون ڊسپليون ڏکڻ ڪوريا ۾ تيار ڪيون ويون آهن۔بعد ۾ لي جے ميونگ شي جن پنگ کي پراڻو حڪمت عملي وارو راند “گو” لاءِ سٺي ڪاٺ جو بورڊ پڻ تحفي ۾ ڏنو۔ واضح رهي ته هي 11 سالن ۾ چيني اڳواڻ جو پهريون دورو هو جيڪو آمريڪي اتحادي ملڪ ڏانهن ٿيو “بیک ڊور” مان مراد اهڙو لڪيل رستو آهي جيڪو ڪنهن سافٽويئر يا ڊيوائس جي حفاظت کي باي پاس ڪري سگهي ٿو۔ شي جن پنگ جو مزاحيا جملي هن خدشي ڏانهن اشارو هو۔
